146

ڪٿي هي اسان جي شعور جو حصو نه بڻجي وڃن..؟؟

ليکڪ: آمنه مفتي

يونيورسٽي کان گهر ويندي رستي ۾ ٽرئفڪ جا 3 اشارا اچن ٿا، جيئن ئي ڳاڙهو سگنل ايندو آهي فقيرن جي هڪ فوج گاڏين تي يلغار ڪري ڇڏيندي آهي، گل هٿن ۾ جهليل معصوم ٻار،عورتون، تسبيحون ۽ 5سورتون کڻي بيٺل بزرگ ۽ اڌڙوٽ، ٻانهن يا ڄنگهه وارو جوان فقير، ڳچيءَ ۾ مڻيا لٽڪائي ڳاڙهين ڳاڙهين اکين سان گهوريندڙ ملنگ ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ کدڙا فقيرن جو ٽولو،  هي سڀ گاڏين جي شيشن اندران نهاريندي عجيب ڌمڪي واري انداز ۾ دعائون ڏين ٿا، جملا چون ٿا ۽ اهڙي انداز ۾ پئسا گهرن ٿا جو اجايو ئي دل تي بار ٿيڻ لڳي ٿو،  الجهيل سلجهيل وارن ۽ ميرن ڳلن وارن ٻارن کي ڏسي دل نرم ٿي ويندي آهي، جهوليءَ ۾ کير پياڪ ٻار کڻي چهري تي عاجزي ۽ بيوسي سجائي بيٺل جوان ماءُ کي ڏسي ڪليجو اڇلجي زبان ۾ اچي ويندو آهي ۽ اڇي ڏاڙهي وارن بزرگن جي هٿ ۾ مقدس ڪتاب ڏسي دل لرزي ويندي آهي ۽ پنهنجي عاقبت جو فڪر ٿيڻ لڳندو آهي، مون اڪثر ماڻهن کي انهن فقيرن کي خيرات ڏيندي ڏٺو آهي، ڪجهه ماڻهو ته گهران نڪرندي باقاعدي کليا پئسا کڻندا آهن ته جيئن فقيرن کي ڏين ۽ اهو تماشو آئون شايد سدائين کان ڏسندي پئي اچان، ڪيترائي ڀيرا خواهش ٿي ته بيهي انهن جون حالتون ۽ تفصيل پڇان ۽ سندن مسئلن جو حل ڳوليان، پر نه ته ڪڏهن فرست ملي ۽ نه ئي ايتري همٿ گڏ ڪري سگهيس، پر اهو سوال اتي جو اتي موجود آهي ته ڇا هي واقعي ضرورتمند هوندا آهن يا چنگي ناڪي وانگر فقيرن جو به هڪ باقاعده نظام آهي. اسان جي ننڍپڻ ۾ اڪثر فقيرن جا نيٽ ورڪ بي نقاب ڪرڻ وارا فيچر اخبارن جي زينت بڻبا هئا، وڏا ٻارن کي ڊيڄاريندا هئا ته جيڪڏهن بي وقت گهر کان ويندئو ته ڪو فقير اوهان کي ٻوري ۾ وجهي کڻي ويندو ۽ هٿ پير ڀڃي خيرات وٺرائيندو، تڏهن ان ڌنڌي جا اهڙا ته باريڪ ۽ ڀيانڪ تفصيل بيان ڪيا ويندا هئا جو خوف سبب گهر کان نڪرڻ جي خواهش ئي ختم ٿي ويندي هئي. ڪهڙي صورت ۽ طريقي جي چمچن سان اکيون ڪڍيون ٿيون وڃن، ڪيئن هٿ پير ڪٽيا ٿا وڃن ۽ ڪهڙي طرح کير پياڪ ٻارن کي آفيم ڏئي سمهاريو ٿو وڃي ته جيئن اهي سڄي ڏينهن جهوليءَ ۾ سمهاري خيرات گهري سگهجي، اهي سڀ اسان جي وڏن کي ياد هئا، وقت گهڻو گذري چڪو آهي، ڪيتريون ئي نيون آباديون آباد ٿي چڪيون آهن، نون روڊن تي نوان اشارا لڳي چڪا آهن، نين گاڏين ۾ نوان ماڻهو گهمي رهيا آهن، پر حيرت آهي ته هر روڊ ۽ هر اشاري تي ايترا ئي فقير بيٺا هوندا آهن، هر نئين حڪومت ۾ انتهائي سٺا ۽ خراب قدم کنيا وڃن ٿا، پر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان يا ته انهن فقيرن بابت سوچڻ ڇڏيو ويو آهي يا ماڻهن ذهني طور انهن کي قبول ڪري ورتو آهي، يا وري اڃا ڪا ٽئين ڳالهه آهي جيڪا مون جهڙا ڪوتاهه نظر ماڻهو ڏسي نه پيا سگهن، آئون روز انهن کي ڏسان ٿي، گاڏين جي پويان ڀڄندي، شيشا کڙڪائيندي، خدا جو خوف ڏياريندي، دعائون ڏيندي، بددعائون ڏيندي، ڦاٽل حالن ۾ هي ماڻهو ڪير هوندا آهن؟ سندن گهر ٻار هوندا آهن؟ ڇا سندن ٻڌايل ڪهاڻيون سچيون هونديون آهن؟ ڇا سندن گهرن ۾ واقع پوڙهيون مائرون هڪ وقت جي ماني جي انتظار ۾ ويٺل هونديون آهن؟ ڇا انهن ملنگن جي بددعائن سان حقيقت ۾ خيرات نه ڏيندڙن جي ستياناس ٿي ويندي آهي؟ روز اهي سوال ذهن ۾  ٻڙڌڪ مچائين ٿا ۽ روز انهن جا جواب دماغ ۾ اچن ٿا پر ذهن اهڙين تاويلاتن کي نٿو مڃي، خير گهرڻ شايد هڪ عادت آهي، مون دنيا جي هر ڪنڊ ۾ فقير ڏٺا آهن، سڀني جا تاثر تقريبن هڪ جهڙا ٿين ٿا، خيرات گهرڻ هڪ آرٽ به آهي ۽ هڪ لذت به، جنهن کي لڳي وڃي ان جو بچڻ ڏکيو، بنا هٿ پير هلائڻ جي پنهنجي روئڻا روئي ڪنهن کان مدد حاصل ڪرڻ هڪ عجيب فرحت ڏيندڙ عمل آهي، اسڪول جي دور ۾ ”گداگري هڪ لعنت“ جي موضوع تي اڪثر تقريري مقابلا به ٿيندا هئا، هاڻ ته ائين آهي ڄڻ اسان انهن فقيرن کي به پنهنجي لينڊ اسڪيپ جو حصو تسليم ڪري ورتو آهي، سڄو زور ڪرپٽ سياستدانن جي ڪرپشن ختم ڪرڻ تي آهي، ڪرپشن به ڀلي ختم ڪجو پر هڪ نظر هنن تي به وجهو، لينڊ اسڪيپ جو حصو بڻجڻ تائين ته خير آهي، ڪٿي هي اسان جي شعور جو حصو نه بڻجي وڃن. جنهن کي اسين سخاوت سمجهون ٿا، اها ڪٿي اسان جي اجتماعي بيوقوفي ته نه آهي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو