59

گجرات ڀرسان هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، هڪ عورت سوڌو 3 ڄڻا قتل

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات ڀرسان هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق واقعو گجرات جي منڊير واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٿاڻي صدر جي حدن ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 55 ورهين جو احسان، 50 ورهين جو اختر حسين ۽ 52 ورهين جي هڪ عورت مارجي ويا. پوليس مطابق شروعاتي جاچ ۾ لڳي رهيو آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو