158

گذريل هڪ مهيني ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 31 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي: اسد عمر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) رٿابندي ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گذريل هڪ مهيني ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 31 رپيا في ڪلوگرام گهٽتائي ٿي آهي. ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جڏهن بگڙيل نظام بدلجڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي ته ان نظام مان لاڀ حاصل ڪندڙ مزاحمت ڪندا آهن ۽ هو جيڪڏهن طاقتور ماڻهو آهن ته مزاحمت وڌيڪ ٿيندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت نيڪ نيت ۽ باهمت ٿئي ته آخرڪار حڪومت ئي ڪامياب ٿيندي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو