ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪيوي ڪرڪيٽ پرستار ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران گلين ميڪسويل جي ڇڪي سان ٽُٽل ڪرسي 2 هزار ڊالر ۾ خريد ڪري ورتي آهي. گلين ميڪسويل ڪيويز خلاف ٽئين مئچ ۾ 31 بالن تي 70 رنسن جي ڀرپور اننگ کيڏي هئي، جنهن ۾ 2 ڇڪا به شامل هئا، ڪورونا سبب اسٽيڊيم ۾ شوقين موجود نه هئا. ڇڪي سبب ٽٽل ڪرسي جي نيلامي وارو عمل رات ختم ٿيو، جنهن دوران مجموعي طور تي 99 آڇون سامهون آيون، سڀ کان وڌيڪ قيمت 2 هزار ڊالر رهي، گلين ميڪسويل ٽُٽل ڪرسي تي پنهنجي صحيح به ڪئي هئي.
