ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي وفاقي حڪومت کان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي تازي رپورٽ ۽ ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آڏو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالتي حڪم تي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته مسٽر ميمڻ! گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيو؟ ايڊيشنل آءِ جي جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه گم ٿيل ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان ٻڌايو پيو وڃي، هڪ گم ٿيل نوجوان جا افغانستان ۾ سکيا وٺڻ جا اطلاع مليا آهن، پوليس گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت آڏو لڙڪ لاڙيندي سندن بازيابي جو مطالبو ڪيو. 2016ع کان گم ٿيل سمير جي امڙ عدالت آڏو روئيندي چيو ته اهو ئي حل آهي ته هاڻي پيٽرول وجهي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏيان، عدالت ۾ ئي پيٽرول پاڻ تي هاري باهه ٿي ڏيان، جيڪو حال اسان جو ٿيو آهي الله ڪري اوهان سڀني جو ٿئي، اوهان سڀني جي اولاد سان به ائين ئي ٿئي، عدالت کان ڪجهه نٿو ٿئي ته ختم ڪري هي ڪيس، سي ٽي ڊي وارن پٽ کي حراست ۾ ورتو ۽ ڇڏڻ لاءِ 80 هزار رپيا گهريا، پٽ جا ننڍا ننڍا ٻار بک سبب مري رهيا آهن. عدالت گم ٿيل سمير جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت ايس ايس پي سطح جي آفيسر کي جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي گم ٿيل شهري جي وارثن چيو ته 7 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، جيڪڏهن بازياب نٿا ڪرائي سگهو ته ٻڌائي ڇڏيو اسان عدالت نه اينداسين. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي کي طلب ڪري ورتو، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت کان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي تازيون رپورٽون ۽ ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ پڻ طلب ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن رپورٽ نه آئي ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو انتهائي سنجيده آهي، انهن کي ترت بازياب ڪرايو وڃي.
