ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ پٽيندي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي آءِ جي سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو انتهائي سنگين آهي، ڪيترائي آفيسر جي آءِ ٽي رپورٽن تي صحيح به نٿا ڪن، جڏهن انهن کي طلب ڪيو ويندو آهي تڏهن صحيحون ڪيون وينديون آهن. عدالت آءِ جي سنڌ سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان سينيئر آفيسر آهيو، ان معاملي کي ڏسڻ گهرجي، ان تي آءِ جي چيو ته آفيسرن کي چئي ڇڏيو آهي ته ڪو ٻيو ادارو صحيح نٿو ڪري ته اوهان صحيح ڪري ڇڏيندا ڪريو. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٻڌايو ته گم ٿيل امين ۽ الياس جي ذاتي دشمني وارو معاملو به سامهون آيو آهي، هر سطح تي گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي کي ڏسي رهيا آهيون. عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي هر مهيني جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف جو اجلاس سڏرايو. ان کانپوءِ عدالت گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪندي رينجرز کان به ان معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
