فائرنگ 121

گهوٽڪي ويجهو بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، هڪ مرڻينگ

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عابد بُلو، خميسو ۽ گلزار بُلو مارجي ويا، ۽ دودائي بُلو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، واقعي بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ دوست محمد بلو پهچي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي ۽ فوتين توڙي زخمي کي گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کيس سکر منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو