41

گهوٽڪي ويجهو ميڻ بتي مان گهر کي باهه، معصوم ٻارڙي سڙي فوت

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ويجهو ميڻ بتي مان گهر کي باهه لڳڻ سبب معصوم ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي آهي. رپورٽن مطابق گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ گلڻ لغاري ۾ ميڻ بتي مان گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ورهين جي نصيبان لغاري سڙي فوت ٿي وئي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ضابطو آڻي ورتو، فوتي ٻارڙي جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو