19

گهوٽڪي ويجهو ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا اغوا، پوليس جو وڏو آپريشن، مقابلي بعد بازياب، اهلڪارن جو جشن

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: تاج ٽانوري) رات دير سان پوليس ۽ ڌاڙيلن جو مقابلو ٽئي مغوي 22 ڪلاڪ بعد  آزاد  ، پوليس ۾ جشن ، پوليس جا حوصلا بلند ، ايس ايس پي عمر طفيل ڌاڙيلن جي خاتمي جي اعلان تي باضد بڻيل هر چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي مهلت ختم ڌاڙيلن کي زنده يا مرده قانون جي ڪٽهري ۾ آڻڻ جو اعلان. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي رونتي ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروايون ڪندي شر قبيلي جي پنج ڏوهارين خلاف آپريش ڪري گهرن کي باهيون ڏئي سندس ويجهن عزيزن کي گرفتار ڪرڻ واري عمل کانپوءِ مسلسل رونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين ۾ پوليس جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ وجهي پوليس جي آپريشن کي رونتي جي علائقي ۾ بلاڪ ڪرڻ لاءِ رونتي جي ڌاڙيلن جي پلاند ۾ گهوٽڪي جي ڪچي جي ٿاڻي گيمڙو جي حد ۾ ڌاڙيلن پوليس کي مات ڏيڻ لاءِ پوليس جي رٽ کي چيلنج ڪندي ٽن ماڻهن کي اغوا ڪري سنڌو درياءِ جي ڪچي ۾ کڻي ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي گيمڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ برادي ميربحر جا رهواسي  غلام مصطفي ، گل محمد ۽ حبيب الله ميربحر پنهنجي زمين تي پاڻي ڏئي رهيا هئا ته رات جي وقت اوچتو نامعلوم ڌاڙيلن حملو ڪري جديد اصلي جي زور تي يرغمال بڻائي اغوا ڪرڻ بعد سندو درياءِ جي ڪچي ۾ کڻي ويا صبح جو اطلاع ملڻ شرط گيمڙو ٿاڻي جي پوليس ۽ مغوين جي سوين ميربحر برادري جي ماڻهن ڌاڙيلن جا پيرا کڻي ڪچي ۾ لهي پيا جيڪو ڪافي اڳتي ڪچي جي علائقي سنڌو درياءِ جي ڪچي ۾ وڃڻ ڪري شڪارپور ضلعي جي حد سندو درياءِ ٻيڙي ذريعي ڪراس ڪرڻ دوران ٻيٽ تي ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي منظور شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي بڪتر بند گاڏين ذريعي ڌاڙيلن سان مقابلو شروع ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ٿيڻ باوجود پوليس پاران چين واري بڪتر بند گاڏي جي مدد سان ڌاڙيلن ويجهو پهچڻ جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن رات جي اونداهي جي فائدو وٺندي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن تي ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي منظور شاهه ساٿي ايس ايڇ اوز سان گڏجي مغوين کي ساڻ ڪري رات دير سان گيمڙو ٿاڻي تي پهتا جتي مغوين کان خفيه ڄاڻ پڻ ورتي وئي. جڏهن ته مقابلي دوران پوليس علائقي مان شڪ جي بنياد تي 10 کان مٿي ماڻهن کي پڻ کنڀي کڻي آئي جن کي نامعلوم هنڌ رکي انهن کان جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي ۽ انهن پڪڙيل ڪچي جي ماڻهن جا نالا راز ۾ رکيا پيا وڃن هوڏانهن  ٽن ماڻهن جي اغوا جي اهڙي واردات کانپوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي سخت هدايتن کانپوءِ ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي منظور علي شاهه ايس ايڇ او گيمڙو غلام حيدر بيهڻ ۽ ايس ايڇ او ڪچو ٻنڊي ون ۽ ايس ايڇ او ڪچو ٻنڊي ٽو سان گڏ وڏي پوليس نفري ۽ چئن اي پي سي بڪتر بند گاڏي سميت ڊي ايس پي منظور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪچي ۾ رواني ٿي وئي هئي، جيڪا اغوا جي واردات کان تقريبن 22 ڪلاڪن کانپوءِ پوليس کي ڪاميابي ان وقت ملي جڏهن ڪچي مان ڪجهه پڪڙيل ماڻهن کي پوليس کنڀي ٺاهوڪي پيهه ڪڍي مغوين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانپوءِ اصل ڌاڙيلن تائين پوليس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. جڏهن ته پوليس ڌاڙيلن جي ساٿارين ۽ سهولتڪارن خلاف پڻ ڪاروايون ڪندي ڪيترائي ماڻهو پڻ شڪ جي بنياد تي پهرئين گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي رکي انهن سان پڻ الڳ جاچ جاري آهي. جڏهن ته ڪچي مان پڪڙيل ماڻهن مان پوليس کي اهم ڌاڙيلن بابت راز ملي چڪو آهي جنهن تحت ايندڙ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. هوڏانهن گيمڙو ٿاڻي جي ڪچي جي علائقي ۾ پوليس کي اڃان سودو مختلف هندن ۽ ڌاڙيلن جي گهٽ گهير تي چوڪس ڪري اضافي پولس جون پڪٽون لڳايون ويون آهن. پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ٻيهر ڪهڙي به وقت وڏي مقابلي جا امڪان آهن هوڏانهن مغوين بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ٽن مغوين ۾ ٻه سڳا ڀائر ۽ هڪ چاچو هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهن جيڪي پنهنجي ڳوٺ کان ويجهو زمين تي پاڻي ڏيڻ لاءِ گذريل هڪ رات اڳ زمين تي ويل هئا .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو