139

گهڻين دعائن سان هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گهڻين دعائن سان هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان. آئون نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي سڀني جو ٿورائتو آهيان ڇو ته دعائون شفا جو سبب بڻجن ٿيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گهڻين دعائن جي ڪري اڄ بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم مون سان پنهنجو تجربو شيئر ڪيو، آرام، ننڊ ۽ سوپ جو مشورو ڏنو. هن چيو ته هر هڪ جا ٿورا ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو