گوادر (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قائم جديد گوادر ٽرمينل تان عالمي سطح جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. حڪومت جي طرفان ٽرانس شپمينٽ جي باري پاليسين جي تبديلي سان گوادر پورٽ ۾ وڌيڪ فعال ڪرڻ ۾ مدد ملندي، گوادر انتظاميا مطابق نين پاليسين جي نتيجي ۾ 200 ٽن تازي مڇي چين موڪلي ويندي، وزيراعظم عمران جي خاص هدايتن تي ايف بي آر گوادر پورٽ تي آپريشن کي شروع ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم جي واپار ۽ سرمائيڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته واپار ۽ سرمائيڪاري واري وزارت ۽ پاڪستان ڪسٽم جي ڪاميابي سان گڏ مڇي کي چين موڪليو ويندو. جيڪا 8 مال بردار ڪنٽينرن ذريعي موڪلي ويندي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي هڪ بيان مطابق گواردر عالمي سطح جي واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجڻ لاءَ تيار ٿي ويو آهي.
