30

گوجرانوالا: عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ واپس موٽندڙن جي ڪار مٿان فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ڀرسان عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ واپس موٽندڙن جي ڪار مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس مطابق اهڙو واقعو گوجرانوالا جي ڪامونڪي واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي 4 ڄڻا شيخوپوره جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ واپس اچي رهيا هئا ته سندن ڪار مٿان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڄڻن موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته چوٿين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو