148

گپچاڻي ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

گپچاڻي (ن سوڀ) گپچاڻي ويجھو ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. گپچاڻي ويجھو ڳاھا بس اسٽاپ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار عبدالولي پٽ عبدالرحيم نھڙيو موقعي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي گپچاڻي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، فوتي عظيم آباد جو رھواسي ھو، جڏھن تھ حادثي بعد  ڊرائيور ٽرڪ سميت موقعي تان فرار ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو