اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڀارت غلط فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي گاڏي تي ڄاڻي واڻي فائرنگ ڪئي، ڀارت گڏيل قومن جي نشان ۽ نيري جهنڊي باوجود گاڏي کي نشانو بڻايو، گڏيل قومن جي گاڏي تي فائرنگ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، پاڪستان ڀارت جي اهڙي رويي جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته 2020ع ۾ ڀارت ايل او سي تي جنگبندي جي 3 هزار ڀيرا خلاف ورزي ڪري چڪو آهي، ڀارتي ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ 276 شهري شهيد ٿي چڪا آهن، ان شهيدن ۾ 92 عورتون ۽ 68 ٻار به شامل آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت معاشي بدحالي، هارين جي احتجاج ۽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي جهڙن مسئلن جو شڪار آهي ۽ اندرين مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان خالف فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي اندرين مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر آگاهه ڪريان ٿو ته ڀارت غلط فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به فالس فليگ آپريشن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ڀارت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي.
