203

ڳڙهي حسن ڀرسان زمين جي مالڪي تان وڏيرا وڙهي پيا، گوليون لڳڻ سبب 2 هاري زخمي

ڳڙهي حسن(ن سوڀ) ڳڙهي حسن ڀرسان زمين جي مالڪي ڪرڻ تان وڏيرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 2 هاري زخمي ٿي پيا. ڳڙهي حسن ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوبدار خان کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن  ڌرين ظفر کوسو ۽ زاهد ۾ 80 جريب زرعي زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ظفر کوسو جا 2  هاري لال بخش ۽ اميد علي زخمي ٿي پيا، جنهن کي وارثن پاران مقامي اسپتال آندو ويو،  علاج بعد ڪريم بخش ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي. پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جي مامري تان جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن جي جاچ ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو