145

ڳڙهي خيري ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، 4 ڀاتي قتل، 2 ٻارڙا زخمي

ڳڙهي خيرو (ويب ڊيسڪ) ڳڙهي خيري ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 4 ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق  ڳڙهي خيرو ڀرسان بلوچستان جي هيڊباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبداللطيف مينگل ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ظفر الله، منظور، ناصر ۽ بخش علي بروهي مارجي ويا، جڏهن ته 2 ٻارڙا نور خان ۽ ناصر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي هيڊباغ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، ڪجهه وقت اڳ مينگل برادري جي ماڻهن دڪان تي ستل مگسي برادري جي هڪ نوجوان کي قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ مگسي برادري جي هٿياربندن حميد الله بروهي جي گهر تي حملو ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو