60

ڳڙ ۽ مٺائي ٺهڻ لاءِ سوڍا، رنگ ڪاٽ ۽ ٻيون شيون استعمال ٿيون

راضيديرو: علائقي واسين ٻڌايو ته ڳڙ ۽ مٺائي ٺهڻ لاءِ سوڍا، رنگ ڪاٽ ۽ ٻيون شيون استعمال  ٿين ٿيون، جڏهن ته سرنهن جو تيل ۽ ڦٽڪي به استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته تئي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون پڻ آنديون وڃن ٿيون، هڪ تئي تي 3 کان 4 ڄڻا ڪم ڪندا آهن، اڳ ڪمند پيڙهڻ ۽ رس ڪڍڻ لاءِ ڍڳا ۽ ٻيا جانور استعمال ٿيندا هئا، هاڻي مشينن ذريعي پيڙهائي ڪئي وڃي ٿي، جنهن لاءِ تيل به استعمال ٿئي ٿو، هوڏانهن مارڪيٽ ۾ بهترين ۽ اڇو ڳڙ3 هزار کان 3500 ۽ اڇي مٺائي 35 سئو کان 4 هزار رپيا في مڻ وڪرو ٿئي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو