ايڊيٽوريل
اقتصادي رابطا ڪاميٽي ملڪ اندر گيهه جي اگهن ۾ 30 رپيا في ڪلو واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد هاڻ گيهه جي في ڪلو قيمت 170 رپيا في ڪلو کان وڌي 200 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، ان حوالي سان خبرون آهن ته اقتصادي رابطا ڪاميٽي ڏانهن هڪ سمري موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ اٽي، کنڊ ۽ گيهه جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي جڏهن ته رابطا ڪاميٽي اٽي، کنڊ ۽ دالين جا اگهه برقرار رکيا آهن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه جي اگهه ۾ 30 رپيا في ڪلو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 92 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي، ان حوالي سان خبرون آهن ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي هڪ درخواست ڏني آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ 92 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي. سي سي پي اي مطابق قيمتن ۾ اهڙي واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي پئي وڃي، جنوريءَ ۾ 7 ارب 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي ۽ بجلي جي پيداوار لاڳت 51 ارب 66 ڪروڙ رهي آهي، بجلي جي پيداوار تي فيول لاڳت جو ڪاٿو 5 رپيا 75 پئسا في يونٽ لڳايو ويو هو. سي پي پي اي مطابق جنوري ۾ تيل جي لاڳت 6 رپيا 68 پئسا في يونٽ رهي ۽ 18 رپيا 94 في يونٽ مهانگي ترين بجلي ڊيزل مان پيدا ڪئي وئي، فرنس آئل مان 12 رپيا 34 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، ايل اين جي مان 8 رپيا ۽ قدرتي گئس مان 7 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، 27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي نظر ٿي وئي، هوڏانهن نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت درخواست تي 25 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندو ۽ منظوري جي صورت ۾ صارفين مٿان 9 ارب رپين کان وڌيڪ واڌو بار پوندو.
گيهه جي قيمتن ۾ ڄاڻايل واڌ يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ رپورٽون آهن ته اٽي، کنڊ ۽ عام واهپي جي ٻين شين ۾ به واڌ جلد ڪئي ويندي، حڪومت اهڙي واڌ مرحليوار ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي ۽ آءِ ايم ايف سان طئه ڪيل شرطن تحت ملڪ ۾ وڌيڪ ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جون به تياريون زورن شورن سان جاري آهن، ڏٺو وڃي ته حڪومت هر 15 هين ڏينهن يا مهيني تي عام واهپي جي شين سميت بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کان هن وقت تائين کربين رپيا اوڳاڙي چڪي آهي، رپورٽن مطابق هلندڙ مهيني ئي جيڪڏهن بجلي جي اگهن ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي ته ان سان عوام مٿان 9 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو، مطلب ته حڪومت اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ عوام کي بخش ناهي ڪرڻو، هن ملڪ جو عوام حڪومت کان اهو پڇڻ جو حق رکي ٿو ته نيٺ انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي ضمني چونڊن مان به ظاهر ٿي رهي آهي ۽ عوام ننڍين چونڊن ۾ حڪومت جي پاليسين کي رد ڪندي پهريون ڀيرو مخالف ڌر کي وڏي ليڊ سان ڪامياب ڪرائي رهيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي هاڻ هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ مهانگائي جي ان طوفان کي روڪڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ضمني چونڊن کانپوءِ واري سياسي مرحلي يعني مخالف ڌر جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي ڪاميابي به يقيني بڻجي ويندي، ڇو ته حڪومت خلاف مخالف ڌر نه پر بنيادي طور تي مهانگائي ميدان ۾ مقابلو ڪري رهي آهي ۽ يقيني طور تي حڪومت مهانگائي کان هارجي وئي آهي.