224

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: وليمسن جي پهرين ۽ بابر اعظم جي پنجين پوزيشن برقرار

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڪين وليمسن جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان اسٽيون سمٿ هڪ انگ سان ترقي ڪندي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ هو هاڻي ٻئين پوزيشن تي مقرر آهي. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو مارنس لبوشين چوٿين، قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پنجين، انگلش آل رائونڊر بين سٽوڪس ڇهين، ڀارتي ٽيم جو هاڻوڪو ڪپتان اجنڪياريهاني ستين، چتيسشورپجارا اٺين، هينري نڪلس نائين ۽ ڊيوڊ وارنر ڏهين نمبر تي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو