171

آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، عوام چئي رهي آهي ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو ته جيئن ماني ته ملي: فضل الرحمان

لورالائي (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي نه مڃينداسين ۽ هتي عوام جي بالادستي هوندي. لورالائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي واري حڪومت کي رد ڪريون ٿا، اسان جي ويڙهه پارليامينٽ جي خودمختياري، قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوري هوائن جي بحالي لاءِ آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ قوم هڪ پليٽ فارم تي آهي. هن چيو ته ياد رکو ته عمران خان کي وڃڻو ئي وڃڻو آهي، هي جعلي حڪومت، جعلي وزيراعظم آهي،  هن کي ته عقل ئي ناهي، هن جو ڪوبه نظريو ناهي، ڪڏهن چوي ٿو ته رياست مدينه هجڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته چيني نظام هجڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته ايراني نظام جي ضرورت آهي، وري ڪڏهن چوي ٿو ته آمريڪي نظام هجڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ اسان آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اسان کي پاڪستان کي آمريڪي ڪالوني ٺاهڻ ناهي ڏيڻو، ملڪ ۾ جمهوري ماحول ناهي، اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. هن چيو ته ماڻهو حڪومت کان بيزار ٿي چڪا آهن، اهي ٻين تي الزام مڙهي رهيا آهن ته هي چور آهن ۽ هو چور آهن، اڄ اهڙي حڪومت آئي آهي ته ماڻهو چون ٿا ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو ته جيئن ماني ملي سگهي، هن حڪومت ملڪي معيشت کي ڪٻاڙ بڻائي ڇڏيو آهي، غريب بازارن مان شيون خريدڻ جي قابل ناهي رهيو، مائرون بازارن ۾ پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري رهيون آهن، والدين پنهنجي ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته وٽن انهن کي پالڻ لاءِ پئسا ناهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو