149

آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ: اسلام آباد ۾ تقريب، هوائي جهازن جو فلاءِ پاسٽ، نئون گيت ”صداءِ پاڪستان“ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ هوائي فوج جي جهازن فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو پيش ڪيو. اسلام آباد ايئر هيڊڪوارٽر ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. پاڪ فضائيا جي جهازن فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ته شوقينن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهور ڪرڻ تي پاڪ فضائيا جي شاهينن کي خوب ساراهيو. ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ خطي ۾ سلامتي چاهي ٿو، دنيا ڏٺو ته پاڪستان امن لاءِ ڀارتي پائليٽ کي واپس ڪيو، پنهنجيون ذميواريون ڄاڻيون ٿا ۽ وطن عزيز جي دفاع لاءِ هر  وقت تيار آهيون. هن چيو ته آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ذريعي اسان جي فوج وطن جو ڀرپور دفاع ڪيو، اسان جي فوج کي ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو، دشمن جي ڪنهن به سازش جو ترت منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ٻئي پاسي پاڪ فضائيا پاران آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ جي مناسبت سان ملي نغمو ”صداءِ پاڪستان“ جاري ڪيو ويو آهي. ملي نغمو مشهور راڳي علي حمزه ڳايو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو