229

ابڙان ۾ پوليس اهلڪار قتل، پوليس ۾ حد جو تڪرار، ڪيترائي ڪلاڪ لاش پيل رهيو

نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) ابڙان ڀرسان ھٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي گوليون ھڻي ماري ڇڏيو. حد جي تڪرار تان پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جو لاش ڪيترن ڪلاڪن تائين واقعي واري جاءِ تان نه کنيو جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا خبر موجب ابڙان ڀرسان ڳوٺ نبي بخش انڙ جو رهواسي پوليس اهلڪار علي نواز انڙ پنهنجي ڳوٺ کان ڊيوتيءَ تي ڀريا سٽي ڏانهن وڃڻ جي لاءِ صبح جو 8 وڳي ڌاري گهران نڪري ابڙان طرف اچي رھيو ھو ته رستي ۾ پير موريو وٽ  تاڙ ۾ بيٺل ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھو موقعي تي مارجي ويو ۽ ھٿياربند سندس لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ  تي مٺياڻي ۽ ابڙان پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي ته ٻنھي ٿاڻن جي پوليس ۾ حد جو تڪرار شروع ٿي ويو، جنھن ڪري پوليس اهلڪار جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، بعد ۾ ابڙان پوليس ۽ مقتول جا وارث لاش سول اسپتال نوشهروفيروز کڻائي آيا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول پوليس  اهلڪار 7 مھينا اڳ ڪارو ڪاري تحت قتل ڪيل ڳوٺ عمر انڙ جي نوجوان عرفان انڙ جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ھو، ان ڪيس ۾ سندس ڀاءُ نظام انڙ ۽ ڀائٽيا فهيم ۽ اياز انڙ جيل ۾ آهن، هوڏانهن پوليس موجب اھلڪار کي قتل ٿيل نوجوان عرفان انڙ جي پلاند ۾ سندس ڀائرن ماريو آھي. هوڏانهن جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري اڳواٽ فرار ٿي وئي آهي ۽ آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه وري پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ڪو گهربل جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو