200

اسٽيل ملز جي سي اِي او جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ تي برطرف ملازمن خلاف ڪيس داخل، ڌرڻو جاري

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير ۾ پاڪستان اسٽيل  ملز جي برطرف ملازمن جو گهرڀاتين سوڌو سي اِي او جي رهائشگاهه آڏو ڌرڻو جاري آهي. جڏهن ته گهر جو مک دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ تان انتظاميا مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ احتجاج ڪندڙ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ياسين ڄامڙو، شوڪت ڪورائي، عاصم ڀٽي ۽ امجد زرداري سوڌو 28 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جي ملازمن کي برطرف ڪري هزارين ڪٽنبن کي بک، بدحالي ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، فيسون نه ڏيڻ تي پورهيتن جي ٻارن جون داخلائون رد ٿي ويون آهن، ملز انتظاميا گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته برطرفين جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ آخر آپگهات ڪرڻ وارو رستو به اختيار ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو