259

اسپين جي ٽينس اسٽار رافيل نڊال اي ٽي پي فائنلز جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)  اسپين جي عالمي شهرت يافته اسٽار ۽ عالمي نمبر ٽو رافيل نڊال اي ٽي پي فائنلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. هسپانوي ٽينس اسٽار 2019ع جي يوناني چيمپئين اسٽيفانوس کي شڪست ڏئي ايونٽ جي ٽاپ فور مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪيو. انگلينڊ ۾ جاري ايونٽ ۾ کيڏيل گروپ ميچ ۾ اسپين جي رافيل نڊال ۽ يونان جي ٽينس اسٽار اسٽيفانس وچ ۾ زبردست مقابلو ڏسڻ ۾ آيو. رافيل نڊال اسٽيفانوس کي پهرين سيٽ ۾ 4 – 6 تان هارايو جڏهن ته اسٽيفانوس ٻئين سيٽ ۾ ڪم بيڪ ڪندي مخالف يوناني رانديگر کي 2-6 تان هارائي ايونٽ جو سيمي فائنل مرحلو کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو