107

اليڪشن ڪميشن جو اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري خلاف ڪارروائي لاءِ نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مٿس پئسا وٺڻ ۽ ڌر ٿيڻ جا الزام هڻندڙ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پڌرائيءَ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزامن تي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري ۽ ريلوي واري وزير اعظم سواتي ي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اعظم سواتي کان الزامن تي ثبوت گهرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته فواد چوڌري پريس بريفنگ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هنيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي الزام هڻندي چيو هو ته ادارو حڪومت جو مذاق اڏائي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندو آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.پوءِ  وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ پريس ڪانفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزام هنيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو