147

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قمبر پهتو، سردار چانڊيو سان گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

قمبر / نئون ديرو (نمائندا) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري غيبي ديرو هائوس قمبر پهچي پ پ ايم پي اي  نواب سردار خان چانڊيو  سان سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي  تعزيت ڪئي، ان موقعي تي پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو،  محمد خان چانڊيو، مشتاق احمد چانڊيو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ريحان خان چانڊيو ۽ مُنيم خان چانڊيو، مقصود ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻي پاسي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس پهچي ويو. جتي پارٽي جي اڳواڻن شاندار استقبال ڪيو.  جڏهن  ته آصف علي زرداري جي اچڻ کان اڳ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي، اڳوڻي تعلقه ناظم رتوديرو ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي ساڻس ملاقات ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو