189

ڪشمير ۾ ايندڙ وزيراعظم پيپلز پارٽي جو جيالو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهيندي ۽ ايندڙ وزيراعظم پيپلز پارٽي جو جيالو هوندو. آزاد ڪشمير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس پيپلز پارٽي جي اميدوارن تي پورو اعتماد آهي، اهي اسان سان گڏ بيٺل هوندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي ان مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، هن هميشه موجوده حڪومت جي ڪشميري پاليسي ۽ رويو تي تنقيد ڪئي آهي، ڪشمير ۽ ماضي جي وزير اعظم ۽ عمران خان جي طريقي ۾ واضح فرق آهي، هن چيو ته جيڪڏهن انهن جي طاقت حڪومت آهي ته اسان جي طاقت پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي عوام جي طاقت تي يقين رکندا آهيون، آزاد ڪشمير جو ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو ، آزاد ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهيندا،  ياد رهي ته آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون 25 جولاءِ تي ٿيڻ واريون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو