165

باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) باجوڙ جي علائقي اتمان خيل ۾ سيڪورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائيندي 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پوليس مطابق ڳجهي اطلاع تي باوجوڙ جي علائقي اتمان خيل ۾ قذاقي واري هنڌ مارجي ويل  دهشتگردن جو تعلق ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان هو. ڪارروائي اربع ۽ خميس جي وچ واري  رات ڪئي وئي. پوليس مطابق فورسز کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڳجهي اطلاع  تي ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار، وڏي انگ ۾ بارودي  مواد، آئي اي ڊيز ۽ وائرليس هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته باجوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيڪورٽي فورسز جو آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو