144

براڊ شيٽ ڪيس ۾ نئون موڙ: شهزاد اڪبر عمران خان جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي فرم براڊشيٽ هڪ ارب ڊالر جي شڪي رقم ڳولي يا نه؟ پر نئون پنڊورا باڪس کلي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران 2 ڏينهن اڳ چيو ويو هو ته هڪ ارب ڊالر سعودي عرب کان هڪ پاڪستاني سياستدان برطانيا اماڻيا، جڏهن ته سندس صلاحڪار شهزاد اڪبر نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ وزيراعظم جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته هڪ ارب ڊالر جو ذڪر ڪيو ويو پر جڏهن ان کان ثبوت گهريا ويا ته شاهديون پيش نه ڪيون ويون، وزيراعظم هڪ ارب ڊالر واري ڳالهه مثال طور چئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو