286

بزرگ سياستدان ۽ اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد/جيڪب آباد (نمائنده) بزرگ سياستدان ۽ اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي دل جي تڪليف سبب راولپنڊي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ظفر الله خان جمالي کي دل جو دورو پوڻ سبب راولپنڊي جي آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي  (اي ايف آءِ اي) ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي حالت ڳڻتي حالت هئڻ ڪري کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو، جنهن دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس پٽ عمر جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي، سندس وارثن موجب کيس مئي ۾ ڪورونا به ٿي هئي، دل ۽ گڙدن جي بيماري ۾به مبتلا هيو، سندس جنازي نماز اڄ شام جو 4 وڳي ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مڙهه خصوصي جهاز ذريعي سندس اباڻي علائقي روجهاڻ جمالي ۾ آڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، ياد رهي ته مير ظفر الله جمالي کي آچر ڏهاڙي دل جو دورو پڻ پيو هو، جنهن ڪري کيس اسپتال آندو ويو هو، هوڏانهن سوڳ ۾ اوستا محمد جمالي، روجهان جمالي، ڍيرا مراد جمالي، محبت شاخ ۽ جعفرآباد سميت ٻيا شهر بند ٿي ويا، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، سينيٽر سراج الحق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي عثمان بوزدار ۽ ٻين اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي جي لاڏاڻي تي جمالي ورلڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين سهيل احمد جمالي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو