190

تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو وزيراعظم ۽ ڪابينا جو آهي: صدر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ هڪ سياسي جماعت آهي، ان تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا جو آهي، عارف علوي چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کان پهرين سڀني شين کي آسان سمجهندا هئاسين، هر شي ۽ هر ادري ۾ مافيا آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، جهانگير ترين جي پي ٽي آءِ سان مخالفت ناهي، هو شفاف جاچ چاهي ٿو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پي ڊي ايم ۾ سڀ پنهنجي مفاد جي لاءِ کيڏيا، پي ڊي ايم۾ وڌيڪ فائدو مولانا فضل الرحمان کي مليو جنهن جي اسيمبلي ۾ ايتري موجودگي نه هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو