274

ترڪي ۽ يونان وچ ۾ اتفاقي واقعن جي روڪٿام لاءِ اصولي مڪينزم ڪم ڪري رهيو آهي: نيٽو

استنبول (ويب ڊيسڪ) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اسٽولين برگ چيو آهي ته هن وقت ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ اصولي مڪينزم ڪم ڪري رهيو آهي. ترڪ سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب نيٽو پرڏيهي وزيرن جي ويبينار جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ اوڀرندي رومي سمنڊ وارن واقعن ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ جوڙيل اصولي مڪينزم ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن کي اسان وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته غير مناسب واقعن ۽ حادثن جي روڪٿام ڪرڻ خاطر اصولي مڪينزم جي ڪم جي دائري ۾ رابطه لائين جوڙي وئي آهي ۽ ڪجهه فوجي مشقن کي ٻطرفي نموني ملتوي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسئلن جي نبيري لاءِ جرمني جي اڳواڻي ۾ ڪوششن جي اسان حمايت ڪريون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو