151

جيڪو چاهيو سو مليو، سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊن ۾ بيلٽ پيپر سڃاڻپ جوڳو هجڻ جو چئي ڇڏيو: اٽارني جنرل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل خالد جاويد خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ سڃاڻپ جوڳي بيلٽ پيپر جو چئي ڇڏيو آهي، اسان جيڪو چاهيو هو سو ملي ويو آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته الله جي مهرباني، جيڪو چاهيو هو سو ملي ويو آهي، سپريم ڪورٽ بيلٽ پيپر سڃاڻپ جوڳو هجڻ جو چئي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو اليڪشن ڪميشن تي آهي ته هو بيلٽ پيپر تي بار ڪوڊ لڳائي يا سيريل نمبر. اٽارني جنرل جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي اها راءِ تمام اهم آهي ته بيلٽ پيپر جي سيڪرسي حتمي ناهي، سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، حڪومت پاران اوپن بيلٽ بابت آندل آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو