201

حڪومت جو پورو ڌيان زراعت ۽ خاص طور تي ڪاٽن ڪراپ تي آهي: جمشيد اقبال چيما

لوڌران (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري خاص معاون جمشيد اقبال چيما لوڌران ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان زراعت ۽ خاص طور تي ڪاٽن ڪراپ تي آهي، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تمام وڏو پئڪيج ڏنو ويو آهي، 2011ع کانپوءِ پهريون ڀيرو 3 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ وڌي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال ساڍا 4 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ وڌندي ۽ هن سال ملڪ ۾ اڍائي ارب ڊالر جي نئين مشينري اچي رهي آهي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي اسان کي ٽارگيٽ ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف جي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ اهي ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽ کي 26 ملين ڊالر تي کڻي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ ڪيترائي مثبت قدم آهن. ٻج پيسٽي سائيڊ ۽ فرٽيلائيزر تي سبسڊي ڏني آهي جنهن جي ڪري اسان هن سال 9 ملين ڳٺڙين ۽ 70 سيڪڙو وڌيڪ ڪپهه جي وڌيڪ فصل جي اميد ڪري رهيا آهيون جيڪو ري وائيول طرف پهريون قدم هوندو. هن چيو ته حڪومت چولستان جي 66 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ چاهي رهي آهي ۽ اتان جي 4 لک مقامي آبادي ۾ ڪيئن ان کي ورهايو وڃي ان جي لاءِ وزيراعظم پلاننگ ڪري رهيو آهي، آئون ان جي نمائندي جي حيثيت سان ڏسڻ آيو هئس ته موقعي تي ڪهڙي صورتحال آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ آبادگار خوشحال آهي، ٽيڪسٽائيل ترقي ڪري رهي آهي، موٽرسائيڪلن جي مينوفيڪچرنگ وڌيڪ ٿي رهي آهي، سيمنٽ سيڪٽر اڳتي وڃي رهيو آهي، تاريخي طور تي سڀ کان وڌيڪ بجلي جي پروڊڪشن 24 هزار 8 سئو 25 ميگاواٽ ٿي رهي آهي، ڪارن، ٽريڪٽرن ۽ موٽرسائيڪلن جي هر انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڻي جي اسٽوريج جي حوالي سان گورنمينٽ 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اسٽوريج بدران 26 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪري رهي آهي، بلوچستان ۾ 735 نوان ڊيم ٺاهيا آهن، ان کانسواءِ 10 وڏا ڊيم ٺهي رهيا آهن، 1968ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ايترو وڌيڪ ڌيان هر شعبي تي ڏنو ويو آهي ۽ هڪ جهڙي ترقي ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو