204

خسرو بختيار جي صنعت واري وزير طور مقرري مفادن جو ٽڪراءُ آهي:رضا رباني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته خسرو بختيار جي صنعت واري وزير طور مقرري مفادن جو ٽڪراءُ آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته کنڊ ڪميشن جي رپورٽ ۾خسرو بختيار ۽ خاندان جو شگر ملز ۾دلچسپي جو ذڪر آهي، ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ خسرو بختيار کي قومي فوڊ سيڪيورٽي وزارت تان هٽايو ويو، شوڪت ترين جي مقرري ان ڪري ٿي ته رڳو آءِ ايم ايف بجيٽ تي صحيح ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو