132

خواجه آصف جي اڪائونٽ ۾ پٽيوالي پاران 28 ملين رپيا جمع ڪرائڻ جو انڪشاف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جي اڪائونٽ ۾ هڪ خانگي بينڪ جي پٽيوالي 28 ملين رپيا جمع   ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ جي جاچ ۾ چئن ڄڻن جا نيب بيان رڪارڊ ڪيا آهن، نيب دستاويز موجب لاهور ۾ خانگي بينڪ جي پٽيوالي انوار رحمان اڪائونٽ ۾ 28 ملين رقم جمع ڪرائي آهي، پٽيوالي انوار الرحمان جو چوڻ آهي ته پنهنجي سينيئر آفيسر جي چوڻ تي خواجه آصف جي اڪائونٽ ۾ رقم جمع ڪرائي، خواجه آصف جي ڀائيٽي خواجه سلطان عزيز خواجه آصف جي اڪائونٽ ۾ 20 ملين رپيا جمع ڪرايا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو