163

دادو ۾ زال جي تشدد کان بيزار ٿي ھمراھ پٽ سميت تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھتو

دادو (ويب ڊيسڪ) شاھاڻي محلي واسي زال جي تشدد کان بيزار ٿي پنھنجي پٽ سميت تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو.  شاهاڻي پاڙي جو رهواسي ارشاد احمد منگي پنھنجي معصوم پٽ 7 سالا حسنين منگي کي ساڻ ڪري پريس ڪلب پهتو. صحافين سان ڳالھائيندي 45 سالا ارشاد احمد منگي ٻڌايو ته زال شاهده چنا سان ٻي شادي ڪئي اٿم ته جيئن منھنجي پٽ کي ماءُ جو پيار ملي سگھي. مونکي ڪھڙي خبر ته ھي ظالم آھي. مون کي ۽ منهنجي اڳوڻي زال جي پٽ پنھنجي اڳ ڄائي  مٿان سخت تشدد ڪري ٿي. ھن ظالم زال ڏاڍو پريشان ڪيو آھي.جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿس. معصوم حسنين منگي روئندي ٻڌايو ته ويڳي ماءُ گهر ۾ ٿانوء ڌورائي ٿي.ٻھارو ڏياري ٿي. ۽ مون کي ڏاڍڳ ماري ٿي مان ڪيڏي وڃان ھو ته بابا کي به ماريندي آھي. بابا ويچارو امان کي چوندو آھي ته  مون کي ڀلي مار منهنجي ننڍڙي پٽ کي نه مار،امان بابا کي روز ماريندي آھي. ارشاد منگي انساني حقن جي تنظيمن.ٻارن جي تنظيمن.ھيومن رائيٽس. ايس ايس پي دادو،چائلڊ رائيٽس جي بينظيرجمالي ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ظالم عورت کان نجات ڏياري تحفظ ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو