300

مائونٽ ايورسٽ تي اڇلايل ڪچري کي آرٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي اڇلايل ڪچري کي آرٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي ان پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ٽومي گساتفين ٻڌايو ته مائونٽ ايورسٽ ۽ ان جي ويجهڙائي واري علائقي مان استعمال ٿيل آڪسيجن جو بوتلون، ڦاٽل خيما، رسيون، ڀڳل ڏاڪڻيون، دٻن ۽ ريپرز کي ويجهو ئي واقع گيلري ۾ منتقل ڪيو ويندو،  جتان ان کي آرٽ ۾ تبديل ڪندي دنيا جي بلند ترين  جابلو ئي چوٽي کي ڪچره ڪنڊي ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ آگاهي طور استعمال ڪيو ويندو. هن ٻڌايوته 8848 ميٽر بلند  جابلو چوٽي ۽ ان جو پسگردائي وارو علائقو استعمال ٿيل آڪسيجن جي بوتلن، ڦاٽل خيمن، رسين، ٽٽل ڏاڪڻين ۽ ريپرز سان ڀريل  هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان پروگرام ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي فنڪارن کي شامل ڪيو ويندو ته جيئن ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي وڃي. گستافين ٻڌايو ته 2019 ۾ 60 هزار کان وڌيڪ جبل چاڙهن، گائيڊز ۽ سياحن ان علائقي جو دورو ڪيو هو پر هلندڙ سال وبا سبب هتي ايندڙ سياحن جو انگ محدود رکيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو