216

رمضان المبارڪ دوران کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ڪرڻ جي روايت برقرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ دوران کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ڪرڻ جي روايت برقرار رهي، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پهرين روزي تي واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ميوات، ساين ڀاڄين، گوشت ۽ ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، جڏهن ته اڪثر يوٽيلٽي اسٽورن تان کنڊ ۽ اٽو غائب ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهن کي وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، شهرين حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته اگهه جون لسٽون چيڪ ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو