97

روس طالبان جي عبوري حڪومت تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

افغانستان (م ڊ) روس طالبان جي عبوري حڪومت تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، افغانستان لاءِ روس جي خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف طالبان جي عبوري حڪومت تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته طالبان جو تجارت وارو نائب وزير ماسڪو جو دورو ڪندو ۽ افغانستان ڪجهه مصنوعات جي خريداري لاءِ روس کي درخواست ڏني آهي، هن ٻڌايو ته روسي صدر افغانستان لاءِ اناج مختص ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو