137

سائين جي ايم سيد جي ورسي ۾ شريڪ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل

سن (ويب ڊيسڪ) جديد قومپرستي جي باني  سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي جي موقعي تي سن پهچي مزار جي ايم سيد حاضري ڀرڻ جي ڏوھ ۾ قومپرستن جماعت اڳواڻن جي مٿان بغاوت سميت ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ لاڳو ڪيل قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزامن هيٺ ايس ايڇ او ڇڇر شاهنواز ملهڻ جي فرياد تي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، ٻن مرڪزي اڳواڻن سرمد ميراڻي، ارباب ڀيل، وقار عرف وڪي چانڊيو. واجد تنيو، .مومن ويسر سميت 15 نامعلوم ماڻهن خلاف ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾  ڄاڻايو ويو آهي ته مٿين جوابدارن جي ايم سيد جي 26 هين ورسي جي ڏينهن پنهنجين تقريرن ۾ ملڪ خلاف ڳالهايو، عوام کي ملڪ جي خلاف ڀڙڪايو، ملڪ ۽ ملڪ جي سالميت جي خلاف نعرا هڻي انتشار پکيڙي رهيا هئا. جنهن تحت مٿين نامزد جوابدارن مٿان  123/ 124اي 153/143 پي پي سي تحت قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪجي ٿو. جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، غازي خان سولنگي اسرار سنڌي، شبير انقلابي ۽ 10 نامعلوم جوابدار جي خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي مزار جي ايم سيد تي ميڙاڪو ڪوٺائڻ تي قلم هڪ 188 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو