182

سرجيس تان سور، سامايس ته سک ويا…

ليکڪ: حفيظ چانڊيو

ظلم جيڪو ڪائنات جي ارتقائي دور کان رائج آهي، سو اڄ تائين هلندو رهي ٿو بس فرق ايترو آهي ته ظالم پنهنجي رنگن ۽ روپن سميت ڏوهن جون ترڪيبون تبديل ڪندو ٿو رهي. هن ظلم جي ظاهري شروعات قابيل ۽ هابيل جي قتل کان ٿي هئي، پر هن مهل تائين ڪو تز دليل ناهي مليو ته ان قتل جو محرڪ ڇا هو؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جي هن جديد دور ۾ به ڪو وضاحت پيش ناهي ڪري سگهيو. قتل ۽ غارت اصل وحشي دور جي ايجاد آهي، جنهن پٺيان اها دردنگي ۽ ڇسي انا آهي، جنهن ۾ شانتي پهچائڻ لاءِ نمرتا کان نائلا تائين، تانيا کان صائمه جروار تائين، زارا منگيءَ کان نامياري شاعر مبين اڄڻ جي ڀيڻ جي قتل تائين ڪيترائي حادثا ۽ قيامتون برپا ٿينديون رهن ٿيون، جن کي هن رياست ۾ انصاف پلئه ناهي پئجي سگهيو هن قسم جي هانءَ ڦاڙيندڙ واقعن تي سياستدانن جي ڪن تي جونءَ به ناهي چرندي، انصاف ڏيندڙ ادارن به جهڙوڪ پنهنجا چپ سبائي ڇڏيا آهن. ڇا ڪجي…!!! سائين سرڪش سنڌيءَ اهڙين حالتن کي ڏسي ان لاءِ ئي ته چيو هو ته

”ٻي ڪهڙيءَ ڌرتيءَ ڏي وڃجي“

ها ڀلا وڃجي ته وڃجي ڪهڙي ڌرتيءَ ڏي، جتي هر ماڻهوءَ کي عزت ۽ آجپو ملي سگهي، کين عزت جا ٻه گرهه ماني ملي سگهي، جتي ڪوئا ۽ بگهڙ سندن چادرن کي چاڪ نه ڪري سگهن، درد جو ڪوئي ديس ناهي، جيڪڏهن درد ماپڻ جو ڪو ماپو هجي ها ته شاعر مبين اڄڻ جي درد کي ماپي سگهجي ها، جنهن جي 15 ورهين جي ڀيڻ روبينا رات جي رهزنن هٿان اغوا ڪرڻ کانپوءِ سفاڪيءَ سان قتل ڪئي وئي، ڳجهه ڳوهه ۾ معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ خاطر هنن ان نوجوان ڇوڪريءَ کي روهڙي ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو ته جيئن ان حافظِ قرآن ڇوڪريءَ جي قتل جي بيگناھه رت جون ڦينگون سندن منهن تي نه ظاهر ٿي پون، ها هن قسم جي واقعن پٺيان وڏن سياسي ۽ مذهبي پيشوائن جا ڳجھا هٿ هوندا آهن، پنهنجي ساک کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ئي هُو ان قسم جي سفاڪيءَ جو مظاهرو ڪرڻ کان ناهن گهٻرائيندا. ناانصافيءَ ۽ بي حسي واري هن سماج ۾ جتي ڪلين کي ٽڙڻ کان اڳ ئي مروڙي ميرو ڪيو وڃي، بي حسي جي هن ماحول ۾ گلابن کي هميشه بندوق جي گندرف ۽ دونهين ۾ پيرن هيٺان چٿي ۽ چيڀاٽيو ويندو آهي. اهڙي بدبودار سماج ۾ نيل ڪنول کي ڏوهي قرار ڏنو ويندو آهي. جتي روحن جي ٻولي پنهنجي شناس وڃائي ويهي رهي ته شاعر مبين اڄڻ جهڙن حساس دل شاعرن جي ڦاٽل گودڙي ۾ سواءِ ڏکن جي ٻيو ڪجهه نصيب ناهي ٿيندو، هنن جهڙا الائي ڪيترا معصوم ۽ بيباڪ ڀوڳنائن جو بنواس ڪاٽي رهيا آهن،  هي به ڪوئي سماج آهي، جتي بک، بدحالي کان تنگ ٿي نوجوان ۽ ناريون آپگهات ڪن، گهر کان ٻاهر نڪرندڙ هر عورت، شاگردياڻي کي سماج ۾ موجود بگهڙ موقعي ملڻ تي حوس جو نشانو بڻائين ۽ سندن لاش گمنامين جي حوالي ڪندا رهن، هيءُ به ڪو ديس آهي، جتي ڀيڻ جي لاش جي وصولي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻو پئي. هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو رڳو ان خراب سسٽم جو ئي نتيجو آهي، جتي ڏاڍي جي لٺ کي اڄ به ٻه مٿا نظر اچن ٿا. روبينا اڄڻ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ جنهن پير تي دعا ڳنهڻ پوڙهي ماءُ سان گڏ وڃي رهي آهي، تنهن کي رات جي رهزنن هٿان لوئي لڄ وڃائي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پوندو، درد وندي ديس جي شاعر مبين اڄڻ جي وهندڙ گونگن ڳوڙهن ۾ سندس بيگناھ قتل ٿيل سندس ڀيڻ جي تصوير آهي، جيڪا هن کي بار بار انصاف لاءِ ٻاڏائي رهي آهي. هُو پنهنجي پوري برادريءَ سان ان پير تي ويندا رهيا هئا، سندن پيڙهين جون جتيون سندن پيري مريدي ۾ گذريون، ڪڏهن به ڪنهن سندن ننگن ڏانهن ميري اک نه کنئي هئي، اها 22 مئي جي هڪ اڀاڳي رات ئي هئي، جنهن ۾ هڪ ماءُ جي پوڙهائپ سان مذاق ڪيو ويو، هن کي جوس ۾ ڪا نشي واري شيءَ ڏئي، سندس ڀر ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ نوجوان ڌيءَ روبينا کي هڪ ڌوتي ڏٽو ڏئي ڪن بگهڙن جي حوالي ڪيو، جن هن کي ڪتن جيان چڪيو ۽ کيس بي رحمي سان ماري ڪنڊياري ۾ روهڙي ڪينال ۾ اڇلائي بي ڊپا هليا ويا. ان وقت ان پوڙهيءَ ماءُ مٿان ڇا گذريو هوندو، جڏهن هن کي جاڳ ٿي هوندي، هن جي پيرن هيٺان ته زمين کسڪندي محسوس ٿي هوندي، وڏي دانهن به ڪئي هوندائين،  اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ مائٽن جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي ان ۾ هنن چيو ته روبينا جي امڙ جيئن جاڳي، تيئن ئي ڌيءَ جي ڳولا ڪيائين. ان کوج ۾ هنن کي روبينا جي لٽي جي ليڙ يا رئو ۽ عينڪ ملي، جا هن کي نظر گهٽ هجڻ سبب پاتل هوندي هئي. هنن کي اها ڪهڙي خبر ته هنن جي نياڻيءَ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي؟ هنن کي ته الائي ڪيترن وهمن ۽ وسوسن اچي ورايو هو، ڇوڪري روبينا اڄڻ جي گمشدگي جي ٻن ڏينهن بعد ڪنڊياري ريگيوليٽر مان هڪ ڇوڪريءَ جو  لاش مليو جنهن کي انتظاميا لاوارٽ قرار ڏئي ڀرواري قبرستان ۾ دفنايو هو، اها ڪيڏي وڏي نااهلي آهي جو هڪ شاعر مٿان هيترو سارو وهيو ۽ واپريو، مٿن آزمائش جو جبل ڪريو هو پر مجال آهي جو ساڻن ھمدرديءَ جي اظهار لاءِ ئي ڪوئي چونڊيل ايم پي اي يا وري ايم اين اي ئي آيو هجي. ڇا انهن سياستدانن کي مرڻو ناهي، يا سندن هي ٺٺ ٺانگر واري زندگي هميشه قائم رهڻي آهي؟ ڇا هُو هڪ شاعر خاندان سان ٿيل ڪلور بابت سوشل ميڊيا تي آنهون دانهون ۽ اپيلون نه ڏسندا هوندا؟ يا وري ڇا هن سانحي بابت هنن اخبارن کي پڙهيو ئي نه هوندو؟ دنيا جو ڪو به ملڪ تيستائين ترقي يافته ملڪ نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي ماڻهن کي انصاف فراهم نه ٿو ڪيو وڃي، آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم هجڻ سان ئي ملڪ ترقي جو سفر طئي ڪندا آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن جو سڌريل ۽ ترقي يافته حال سندن عدل ۽ انصاف جي سڌريل ملڪن جو سڌريل ۽ ترقي يافته حال سندن عدل ۽ انصاف جي صحيح نموني فراهمي تي قائم آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هڪ شاعر کي انصاف ملي ٿو يا نه. سندس بيگناهه قتل ڪيل ڀيڻ روبينا اڄڻ جي اصل قاتلن کي قانون پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ٿو يا هميشه جيان ڏنو پٽ ڇٽي جو فارمولي تحت ملوث جوابدارن کي آزاد ڇڏيو وڃي ٿو. هاڻي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي انهن جاهلن ۽ بي شناس ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، جن رڳو بهارن کي ڀيلڻ سکيو، گلابن کي مروڙڻ ۽ پوپٽن کي جا جنازا کڻڻ سکيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو