197

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سجاڳ ٿيڻو پوندو: صنعان قريشي

نوابشاھ/ مٽياري (ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي وجود بچائڻ جو پيغام کڻي سياسي جدوجهد جو ميدان سينگارڻ لاءِ مٽياري، ڀٽ شاھ، پراڻا، هالا نوان پهتو، جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر رشيد ڏيٿو سان امڙ جي وفات تي، شهيد عرفان مهدي جي گهر واري جي وفات تي نديم مهدي، مسعود مهدي سان شهيد اسماعيل ڏاهري جي ڀائرن جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، جڏهن ته جسقم چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سڀني جي امڙ آهي سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، هن چيو ته بحريا کي سڀ کان پهرين جسقم سنڌ دشمن قرار ڏنو هو، جنهن سبب سرڪاري مشينري سان ڪاٺوڙ، گڏاپ سميت ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن تي ڪاھ ڪري مسلسل حملا ڪري ڳوٺاڻن کي ڊيڃاري ڌمڪائي هيسائي زبردستي کين ابن ڏاڏن جي زمين ۽ ڳوٺن مان لڏائي رهيو آهي، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان بينظير آباد ضلعي جي دوري تي سڪرنڊ ۾ ڳوٺ دڙي مگسي ۾ اُستاد معشوق مگسي جي وفات تي سندس ڀاءُ منظور مگسي، ڳوٺ پنهو زئونر ۾ موجن، جمن زئنور، جاني زئنور جي والد جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪئي، جنهن بعد جسقم چيئرمين ڄام صاحب شهر پهتو جتي سوين ماڻهن سندس گلن جي ورکا ڪري ڀرپور استقبال ڪيو، سوين ماڻهن جي ريلي ۾ ڄام صاحب شهر ۾ داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جو وجود بچائڻ نڪتا آهيون، مختلف اسڪيمن ذريعي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو، تنهن ڪري سجاڳ ٿي پنهنجي تاريخي وطن کي بچائڻو پوندو، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ديدار شام، آصف مگسي، شعبان ماٽي، منور شيخ، هاشم لغاري، مسعود شاھ ۽ ٻين سان گڏجي چاچا غلام حسين ڏاهري سان والد جي وفات تي، منظور منگي سان سندس ڀاڻج ۽ معشوق منگي، گل منگي سان سئوٽ جي وفات تي تعزيت ڪئي، جنهن بعد رات جو دير سان جسقم چيئرمين صنعان خان مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر، ديدار شام سان گڏ دوڙ ۽ ٻاندي ۾ پهتو، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بابا بشير، شهيد مقصود قريشي، شهيد سلمان وڌو، شهيد مير مرتضي ڀٽو، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، شهيد بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت هنن شهيدن سان انصاف نه ڪري سگهي آهي، جنهن جو ڪيس سنڌي ماڻهن جي عدالت ۾ آهي جنهن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، ٻئي طرف جسقم چيئرمين دوڙ پهچي سينيئر صحافي محمد رمضان واسواڻو سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي نوابشاھ جو ڊي او هاشم لغاري، چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي، منور شيخ، مسعود شاھ، سيد هاشم شاھ، سڪندر ۽ سوين ڪارڪنن موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو