250

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس: پي ٽي آءِ وارن پنهنجي ئي باغي ميمبرن کي ڪٽڪو ڏنو، هنگامو، صحافين سان به منهن ماري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي باغي ميمبرن کي ڪٽڪو ڏنو آهي. رپورٽن مطابق سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ هو ته تحريڪ انصاف جا 3 باغي ميمبر ڪريم بخش گبول، شهريار شر ۽ اسلم ابڙو ايوان ۾ پهتا ۽ حاضري لڳائي، حڪومت ميمبرن ٽنهي ايم پي ايز جو استقبال ڪيو جنهن تي پي ٽي آءِ وارا مڇرجي پيا. سنڌ اسيمبلي ۾ باغي ميمبرن جي اچڻ تي پي ٽي آءِ جي موجود ميمبرن گوڙ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ منهن ماري ڪئي، پي ٽي آءِ ميمبرن باغي ميمبرن کي ڪٽڪو ڏنو، جنهن تي پيپلز پارٽي ميمبر کين بچائڻ لاءِ وچ ۾ پيا، ان کانپوءِ اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسيمبلي ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ جمع ٿيا ته مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ صحافين وچ ۾ منهن ماري ٿي، جنهنڪري هو ميڊيا سان ڳالهائي نه سگهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو