172

سنڌ ايڪشن ڪميٽي 20 جون کان شروع ٿيندڙ عوامي رابطا مهم جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي 20 جون کان شروع ٿيندڙ عوامي رابطا مهم جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو پاران جاري ڪيل تفصيل مطابق سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين جا سربراهه جنهن ۾ سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، رياض خان چانڊيو، ڪرم حسين وساڻ ،نواز خان زئونر، اسلم خيرپوري ،مسرور شاھ، سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، پروفيسر عطا بلو، سيد زين شاھ ۽ ٻيا قافلي جي صورت ۾ گلشن حديد ڪراچي کان روانا ٿيندا جيڪي 11 وڳي گهگهر ڦاٽڪ ،1:30 وڳي ڌاٻيجي ،3 وڳي گجو، 4 وڳي گهارو، 5 وڳي مڪلي باءِ پاس، 5:30 وڳي ٺٽو شهر ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندا.  21جون تي صبح 11 وڳي سجاول، 01 وڳي کورواھ، 2 وڳي گولاڙچي، 4 وڳي بدين شهر ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو ويندو. 22جون تي صبح 11 وڳي تلهار، 01 وڳي ماتلي، 4 وڳي ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينئر سيد جلال محمود شاهه ڪالهه جمعي ڏينهن سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 6 جون جي سياسي اسيرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاھ جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون سميت جيڪي به ميگا پراجيڪٽس سنڌ جي زمينن تي والار ڪري رهيا آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نيلام ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو