246

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اسڪولي وين ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ غيرمعياري سلينڊرن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولي وين ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ غيرمعياري سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊرن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولي وين ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ غير معياري سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت پوليس رپورٽ ۽ آءِ جي سنڌ جو ڪوبه نمائندو پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته آءِ جي سنڌ پاڻ پيش ٿي وضاحت ڏئي. عدالت سنڌ پوليس جي ليگل آفيسر تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته آءِ جي کي سڏائينداسين. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وهيڪل قانون ۾ ڏنڊ ۽ سزائن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته هي ڪهڙو قانون آهي، ڪو ٽريڪر هڻڻ نه چاهيندو ته توهان 5 هزار ڏنڊ لڳائيندا؟ عدالت جو چوڻ هو ته ماڻهو ڪئميرا به پاڻ هڻائين ۽ حفاظت به پاڻ ڪن، اهڙو قانون ٺاهيو جيڪو عمل جهڙو به هجي. عدالت سي اين جي مالڪن کي ايڇ ڊي آءِ پي سرٽيفائيڊ ورڪشاپس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو