119

سنڌ ۾اڄ ۽ سڀاڻي سمورو ڪاروبار صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندو، آچر کان مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  پوري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 108 مريض فوت 4 هزار 198 متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ عيد جي موقعي تي وڌيڪ سختين جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اين سي او سي موجب پوري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن اندر  ڪورونا سبب وڌيڪ 108 مريض فوت 4 هزار 198 متاثر ٿيا. جنهن کان پوءِ فوتين جو ڪل انگ 18 هزار 537 ۽ متاثرن جو انگ 8 لک 45 هزار 833 ٿي ويو آهي. هن وقت پوري ملڪ ۾  84 هزار 172 متاثر ماڻهو موجود آهن، جن مان 5 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي اندر نيون پابنديون لڳائڻ جو پڻ فيصلو ٿيو ، جنهن موجب سنڌ ۾اڄ کان آچر تائين  ڪريانا سميت سمورا دڪان شام 6 وڳي کان پوءِ بند رهندا، اڄ جمع تي ۽ سڀاڻي ڇنڇر تي ڪاروبار شام 6 وڳي تائين کليل رهندو، جڏهن ته آچر کان نيون پابنديون لڳنديون، جنهن هيٺ 8 مئي کان 16 مئي تائين شهرن وچ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ بند ٿيندي، پر شهر جي اندر ٽرانسپورٽ هلندي رهندي.   اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ جمع کان آچر تائين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس تان کاڌو وٺي وڃڻ  جو وقت  سج لٿي تائين هوندو، ان کان پوءِ رڳو ريسٽورنٽ هوم ڊليوري ڪري سگهندا، جڏهن ته کاڌي پيتي ۽ ڪريانا جا دڪان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا .ان کان پوءِ اهي بند ڪيا ويندا. وڏي وزير جي ترجمان موجب فارميسيز کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي ۽ ويڪسينيشن سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد جي ڏينهن ۾ هاڪس بي ۽ سي ويو بند رهندا، جڏهن ته آچر کان عيد جي موڪلن تائين وڌيڪ پابنديون لاڳو ٿينديون.   اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صحت واري کاتي پرائيويٽ اسپتالن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هاڻي پرائيويٽ اسپتالن کي ڪورونا ويڪسين ڏني ويندي، جيڪا مفت ۾ لڳائي ويندي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ڪيس 5 سيڪڙو کان 14.23 سيڪڙو ٿي ويا آهن ۽ حيدرآباد ۾ شرح 18.1 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.92 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هوڏانهن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته 15 جون کان پوءِ ڏهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جا امتحان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اهڙو فيصلو تعليم جي صوبائي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو آهي. ان فيصلي موجب 15 جون کان پوءِ ٻارهين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحان ترجيحي بنيادن تي ڪرايا ويندا، جڏهن ته نائين ۽ يارهين ڪلاسن جا امتحان ان کان پوءِ ٿيندا. هن چيو ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي امتحانن کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ داخلائون شروع ٿيڻ کان اڳ انهن جا نتيجا به اچي وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو