150

سياسي شعور جو قتل ڪڏهن ختم ٿيندو..؟؟؟

اشوڪ بيڪس

تازو ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين ۽ بهادر اڳواڻ الطاف جسڪاڻي بيحرمي سان قتل ڪيو ويو آهي، اهو ڪو پهريون سياسي قتل نه آهي، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي، شهيد مقصود قريشي، شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد مظفر ڀٽو کان ويندي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي سياسي قتل آهن، جن جا پيرا ساڳئي هنڌ تي پهچن ٿا، جيڪي تاريخ جا راز ته بڻجي ويا آهن پر بدقسمتي سان اهڙن قتلن ۾ ملوث هٿ وائکا هوندي به هٿڪڙين کان آجا آهن،  ايس ٽي پي سنڌ جي اها سياسي پارٽي آهي جنهن سنڌ جي هر اشو تي وڌي چڙهي نه صرف حصو ورتو آهي پر سنڌ ۾ شعور جي پکيڙ ۾ به ان پارٽي جو اهم حصو رهيو آهي، نه صرف عملي جدوجهد پر جڏهن سنڌ تي ڏکيو وقت آيو ته هن پارٽي عملي ميدان ۾ پاڻ ملهايو ۽ تازو ئي جڏهن وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي والار ڪئي آهي ته ان خلاف به سڀ کان اهم ڪردار سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جو آهي، جنهن نه صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد پر سڄي سنڌ ۾ وفاق جي اهڙي ارهه زورائي خلاف هڪ ڀرپور عملي جدوجهد ڪئي آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪرائي جي قاتلن وسيلي هڪ دلير اڳواڻ کي مارايو ويو آهي، جيئن سنڌين تائين پيغام وڃي ته اهي پنهنجا قدم روڪين پر سنڌي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي وک منزل ماڻڻ کانسواءِ پوئتي نه ڪندا ۽ مطالبو ڪيان ٿو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل بنا دير گرفتار ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو