123

سکر سول اسپتال ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 2 عورتون فوت

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ٽائون شپ سکر جي رهواسڻ35ڪ سالن جي فريال زال شاهزيب صديق راجپوت ۽ خيرپور جي علائقي ڳاڙهي موري جي رهواسڻ عجيبان زال برڪت حياتي وڃائي ويٺيون آهن، ٻنهي عورتن کي ڪورونا وائرس سبب آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، عورتن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ ايم ايس سکر سول اسپتال ڊاڪٽر تسليم خميساڻي جو چوڻ آهي ته اسان وٽ 3مهينن ۾ 84مريض داخل ٿيا جن مان 33صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا 6 مريضن کي ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو 14 مريضن دم ڏنو، آئسوليشن وارڊ ۾ 21 مريض جون حياتيون خطري ۾ آهن 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو