293

شاهه رخ خان ست سمنڊ پار هڪ ٻي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪري ورتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل ۽ ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) کانپوءِ هالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان ست سمنڊ پار آمريڪا ۾ هڪ نئين ڪرڪيٽ ليگ خريد ڪري ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪلڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ ٽرينباگو نائٽ رائيڊرز جي مالڪ شاه رخ خان لاس اينجلس جي فرنچائيز خريد ڪري ورتي آهي ۽ هن ان جو نالو لاس اينجلس نائيٽ رائيڊرز رکيو آهي. هن نئين ڪرڪيٽ ليگ کي آمريڪا ۾ جلد ئي لانچ ڪيو ويندو. مليل ڄاڻ مطابق هن ليگ ۾ 6 ٽيمون سان فرانسسڪو، واشنگٽن ڊي سي، شڪاگو، ڊلا، نيويارڪ ۽ لاس اينجلس شريڪ ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو